تميم بن العتبي

تميم بن العتبي: بنو اميه جي دور ۾جنيد بن عبدالرحمان جڏهن 111هه/729ع ڌاري سنڌ ڇڏي خراسان ويو ته تميم بن زيد العتبي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. هو سياسي معاملا ۽ ملڪي ڪاروهنوار هلائڻ ۾ سست هو، ان ڪري سندس دور ۾ عرب قبيلن ۾ فساد ٿيو ۽ تميم هڪ ڪمزور ڌر جي طرفداري ڪئي. نتيجي ۾ اڪثر عرب سندس مخالف ٿي پيا. هن ٻنهي ڌرين ۾ صلح جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر عربن سندن ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عرب قبيلن جي انهيءَ ويڙهه جڏهن سنڌ ۾ گهرو ويڙهه جي صورت اختيار ڪئي، تڏهن هن پنهنجي جان بچائڻ لاءِ عراق ڀڄي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، پر ديبل بندر وٽ بيماريءَ سبب وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو